اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب درخواست عابد زبيري، شفقت محمود، شهاب سرڪي، اشتياق احمد خان، منير ڪاڪڙ ۽ ٻين طرفان داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ وفاق، چئني صوبن، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.هنن پنهنجي موقف ۾ چيو ته پارليامينٽ عدليه جي اختيارين کي واپس يا عدالتي اختيارن ۾ ٽيمپرنگ نٿي ڪري سگهي. آئيني ترميم سان سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا اختيار ايگزيڪٽو ڏانهن منتقل ٿي ويندا. آئيني ترميم آزاد عدليه کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي. آئيني ترميم ڳجهي طور تي ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي، گڏيل طور تي آئين ۾ 40 کان وڌيڪ ترميمون ڪيون وينديون.هن چيو ته اها ترميم انهي وقت آندي پئي وڃي جڏهن پارليامينٽ اڃان تائين مڪمل نه ٿي آهي. اڃان تائين سپريم ڪورٽ جي سني اتحاد ڪونسل بابت فيصلي تي عمل نه ٿيو آهي. اڃان تائين سني اتحاد ڪونسل جي چونڊيل نمائندن کي نمائندگي جي حق کان محروم رکيو ويو آهي. ميمبرن کي قومي اسيمبلي مان اغوا ڪيو ويو. وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گڏيل آئيني ترميمي قرارداد جو مقصد آئيني اسڪيم جي خلاف آهي.درخواستگذارن استدعا ڪئي آهي ته آئيني ترميم کي غيرآئيني قرار ڏنو وڃي. آئيني مسودي جي اختيارن جي ورهاست ۽ عدليه جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت کي آئيني ترميم کان روڪيو وڃي ۽ گڏيل آئيني ترميم جي اختيارن جي ورهاست ۽ عدليه جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي آئيني ترميم کان روڪيو وڃي ۽ آئيني بل کي به پيش ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف
پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، گهرو وزارت ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري