آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان

راولپنڊي:(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهين ۾ عمران خان چيو ته هي آئيني عدالت انهي لاءِ ٺاهي رهيا آهن ته هي هاڻ سپريم ڪورٽ کان ڊنل آهن. هن چيو ته نئين ترميم سان ملڪ جو مستقبل تباهه ٿي ويندو، آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي.هن چيو ته حڪمرانن عدليه جو ٻيڙو ٻوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڌانڌلي کي لڪائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي، عمران خان چيو ته هي ڊنل آهن جيڪڏهن اليڪشن کلي ويو ته سڀ ڪجهه پوئتي ٿي ويندو. هي سمجهن ٿا ته اسان اهڙي معاملي جي خلاف خاموش رهنداسين پر ائين نه آهي اسان سخت احتجاج ڪنداسين.عمران خان چيو ته ججز کي ڌمڪيون، ماڻهن کي اغوا ڪرڻ، آئين ۽ قانون جون ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن. انهي کان وڏو ظلم ملڪ تي ٻيو نٿو ٿي سگهي. نيب ترميم ۾ هنن پنهنجا اربين روپيه معاف ڪرائي پنهنجي چوري کي تحفظ ڏنو. اهو سڀ ڪجهه ملڪي مفاد جي خلاف ٿي رهيو آهي. هڪ سياسي پارٽي کي ختم ڪرڻ سان سياسي عدم استحڪام وڌندو.عمران خان چيو ته ترميم آڻيندڙن جا پئسا ٻاهر پيل آهن. حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو عدليه کي آزاد نٿا ڏسڻ چاهين. اشرافيه جو مفاد ۽ ملڪي مفاد پاڻ ۾ تڪراري آهن. 6 مهينن ۾ 4 هزار پاڪستاني ڪمپنيون دبئي ۾ رجسٽرڊ ٿيون. هنن کي انهي سان ڪوبه فرق نٿو پوي ڇو ته هنن جو پئسو ۽ ملڪيتون ٻاهر پيل آهن. محسن نقوي جي گهر واري جي 500 ملين ڊالر جي ملڪيت ٽيڪس ۾ سامهون آئي، هاڻ اسان قرض کڻي ملڪ هلائي رهيا آهيون، انهي لاءِ مهانگائي ڪنٽرول ۾ نه پئي اچي. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي پنهنجن حقن ۽ عدليه کي بچائڻ جي لاءِ بيهڻو پوندو. مان ججز، عدليه ۽ صحافين سان بيٺل آهيان هي قاضي فائز کي ٻيهر آڻي عدليه کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا هي سمجهن ٿا ته اسان هنن جي خلاف خاموش رهنداسين پر اسان هنن جي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين. لاهور ۾ 21 تاريخ تي پرامن جلسو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو