سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار جي ايڪسائز کاتي اھم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفرز لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪري ڇڏي آھي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ھاڻي سمورين نين ۽ پراڻين گاڏين جي رجسٽريشن يا ٽرانسفر جي عمل دوران بايو ميٽرڪ تصديق لازمي ھوندي. ھن چيو ته نئين پاليسي تحت تبديلي 3 مرحلن ۾ لاڳو ڪئي ويندي، پھرين جولاءِ کان پھرين مرحلي ۾ نين گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ بايو ميٽرڪ تصديق لازمي ھوندي، ٻئي مرحلي ۾ پھرين نومبر کان گاڏيون خريد ڪندڙن جي بايو ميٽرڪ تصديق ٿيندي، ٽئين مرحلي ۾ گاڏيون خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ٻنھي جي بايو ميٽرڪ تصديق ڪئي ويندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ايڪسائز کاتي ۾ سموري عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون ۽ ھي رڳو شروعات آھي، سنڌ سرڪار ان ڳالھ کي يقيني بڻائڻ چاھي ٿي ته سنڌ عوام خدمتن ۾ ڊجيٽالائزيشن جي حوالي سان اڳتي وڌي. ھن چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر ۾ بايو ميٽرڪ تصديق، شفافيت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ تمام اھم آھي، بايو ميٽرڪ تصديق سان خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن جي سڃاڻپ ٿي سگھندي، گاڏين جي غير قانوني منتقلي ۽ شھرين کي ڌوڪي يا فراڊ کان بچائڻ ۾ مدد ملندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آھي ته گاڏين جا مالڪ بايو ميٽرڪ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نادرا جي ڪنھن به اي سھولت مرڪز ايڪسائز کاتي جي ڪنھن به ضلعي آفيس سان رجوع ڪري سگھن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو