ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي ۽ ٻين سنڌ دوست جماعتن جي اڳواڻن جي فيصلي کانپوء جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي جي ڊي اي ء فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي آھي ته اھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ لاء ارسا قانون م ترميمن خلاف 19 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب سميت سنڌ جي سمورن پريس ڪلبن آڏو پر امن احتجاجي مظاهرا ڪيا وڃن،اھڙن خيالن جو اظھار پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم پنھنجي جاري بيان م ڪيو آھي،ھن چيو ت ايوان صدر م ٿيندڙ سازشن ء سنڌو درياءَ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ لاء ارسا قانون م ترميمون ڪرڻ خلاف 19 سيپٽمبر خميس جي ڏينھن سنڌ جي سمورن ضلعن جي پريس ڪلبن آڏو ڀرپور پرامن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا،انھن مظاھرن م فنڪشنل ليگ ،ايس يو پي،عوامي تحريڪ ،سنڌ ترقي پسند پارٽي،تحريڪ انصاف ،جمعيت العلماءُ اسلام،جماعت اسلامي، جئي سنڌ محاذ، پيپلزپارٽي ورڪرز، عوامي جھموري پارٽي،نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن سميت عوام وڏي تعداد م شرڪت ڪندو،سردار عبدالرحيم چيو ت پير صاحب پاڳاري ھر صورت م سنڌ جي عوام ء سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي ،ء سنڌ جي حق لاء جدوجھد کي ترجيح ڏني آھي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو