سمورن نبين سڳورن جو امام محمد بن عبدالله صلي الله عليه وسلم

طفيل مگسي
سمورا نبي سڳورا هڪ ئي نسل منجهان آيا هئا ۽ ھنن جون ٻوليون به هڪ ئي هيون ۽ سمورا نبي سڳورا نبوت کان پهرين صادق ۽ معصوم.هوندا هئا.نوع عليه اسلام جي نسل سام ۽ هود عليه السلام کان اهو سلسلو شروع ٿيئي ٿو.جنهن کي قرآن نوحعليه السلام کانپوء خليفو سڏيو.ان کانپوء صالح عليه السلام ۽ ھود عليه السلام جي نسل کان ابراهيم عليه السلام ۽ ان جي نسل کان اسمعاعيل و اسحاق عليه السلام جهڙا مجبوب نبي سڳورا آيا.اسماعيل عليه السلام جي نسل کان قيدار ۽ ان جي نسل کان عدنان.،.عدنان کان مضر.،مضر کان قريش ۽ قريش منجهان بني هاشم ۽ بني هاشم منجهان محمد بن عبدالله خاتم نبين صلي الله عليه وسلم جي چونڊ ٿي.جڏھن ته اسحاق عليه السلام جي نسل کان يعقوب ۽ عيص ٿيا.يعقوب عليه السلام جي نسل کان يوسف عليه السلام .جڏھن ته باقي اولاد غير نبي هئا.جڏھن ته عيص عليه السلام کان ايوب عليه السلام جنهن جي ڏاڏي قيداري يعني بني اسماعيل کان هئي.ابراهيم عليه السلام جي زال قطوره کان مدين هئا.جنهن کان شعيب عليه السلام هو.جنهن کي خاتم الانبيا به سڏيو ويندو آھي ۽ ان جي ٻولي به عربي هئي.ايوب عليه السلام به عربي ڳالهائيندو هو…موسي عليه السلام کانپوء يوشع وري دائود عليه السلام وري سليمان عليه السلام .ان کانپوء عيسي عليه السلام جنهن کانپوء ڪو به نبي ناهي اسرائيل ۾ ۽ انهيء ئي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي خوشخبري ڏني.
تورات کان بني اسرائيل کي گڏ ڪيو ۽ فرمايو“ مان هڪ رسول جي خوشخبري ڏيان ٿو.تورات کان ان جي تصديق ڪريان ٿو ۽ مون کانپوء جنهن جو نانء احمد هوندو ..، يعني الله جي وڏائي بيان ڪرڻ وارو.“،بني اسرائيل جي آخري رسول ۽ نبي عيسي ابن مريم عليه السلام سمورن نبين سڳورن جو دروازو بند ڪرڻ واري آخري رسول جي خوشخبري ڏني.قرآن حضور صلي الله عليه وسلم جي رسالت ۽ بنوت ٻنهيء کي ختم ڪيو يعني اهڙي مهر هڻي ڇڏي ته ان کانپوء نبين سڳورن جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيائين،.، مقصد ته سمورا نبي سامي نسل منجهان آيا آھن ۽ ڪنهن ٻئي نسبت جا ننڍڙا ماڻھو پنهنجي نسبت کي نبين تائين نٿا پهچائي سگهن.ڇوته سمورا نبي معصوم ۽ صادق هوندا هئا.12 ربيع اول اسان جي آخري نبي ۽ الله جي پياري رسول آقا محمد مصطفي احمد مجتبي جي آمد جو ڏينهن آھي.سڀني سندس پوئلڳن کي گهرجي ته اهي حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي حقيقي دين جي پيروي ڪن.نه ڪي پنهنجن هٿ ٺوڪين ڳالهين کي پکيڙي دين محمدي کي ڪمزور ڪرڻ سان گڏ فرقيواريت کي وڌائين.

پهنجو تبصرو موڪليو