وڌيڪ اتفاق راءِ پيدا ڪري قانون سازي کي اڳتي وڌايو ويندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلز پارٽي مولانا فضل الرحمان کي آئيني ترميم ذريعي آئيني عدالت قائم ڪرڻ تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.بلاول ڀٽو زرداري جي وفد ۾ شامل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مرتضيٰ وهاب نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڇنڇر جي رات جڏهن بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي ته اصولي طور تي ڪنهن کي به آئيني عدالت جي حوالي ڪو اعتراض نه ڪيو ويو، مرتضيٰ وهاب چيو ته پارليامينٽ جو اجلاس وڌايو ويو آهي، سڀني ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته هو وڌيڪ اتفاق راءِ پيدا ڪري قانون سازي کي اڳتي وٺي ويندا،هن چيو ته اڄ به آئيني عدالت تي ڪو به اختلاف ناهي پر ان جي مواد جو فيصلو ٿيڻو آهي ۽ ان لاءِ پلان آف ايڪشن تي ڪم ڪيو ويندو.تازي ترميم جي حوالي سان سوال تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ائين ناهي ته مصروفيت نه رهي آهي پر 18هين آئيني ترميم جي موقعي تي جنهن انداز ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اها هاڻي نه ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو