تعليم هر فرد جو حق آهي، فراهمي رياست جي ذميواري آهي: ڊار

لاهور (ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته تعليم حاصل ڪرڻ هر فرد جو حق آهي، تعليم فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.قومي سيرت النبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اڄوڪو ڏينهن مسلمانن لاءِ خاص اهميت جوڳو آهي. تمام عالم اسلام کي 12 ربيع الاول جون واڌايون. اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته علم حاصل ڪرڻ مذهبي فرض آهي، تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. علم اهو نور آهي جيڪو هدايت جو رستو ڏيکاريندو آهي، جن وٽ علم ۽ پرهيزگاري جي دولت آهي، انهن کي خدا جو قرب حاصل ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم جي اهميت ۽ فضيلت نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم تي پهرين وحي ۾ واضح ڪئي وئي هئي. اسحاق ڊار اهو به چيو ته تعليم جو حصول ئي قومن جو مستقبل سنواريندو آهي، والدين جو اولاد کي بهترين تحفو تعليم ئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو