لبنان ۾ پيجر ڌماڪا 9 فوت هزارين زخمي، 200 جي حالت نازڪ

بيروت(ويب ڊيسڪ) لبنان جي مختلف علائقن ۾ هڪ ئي وقت پيجر ڌماڪن ۾ هڪ چوڪري سميت 8 ڄڻا فوت ۽ 2750 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. زخمين ۾ ايراني سفير سميت ٻار، عورتون ۽ مرد شامل آهن. لبنان جي صحت واري وزير پريس ڪانفرنس ۾ فوتين ۽ زخمين جي انگ جي تصديق ڪندي چيو ته زخمين مان 200 جي لڳ بڳ ماڻهن جي هالت نازڪ آهي. هن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي سموري استاف کي ڊيوٽ تي پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي. پيجر جيڪوسگريٽ جي ڊٻي کان به ننڍو آلو هوندو آهي، اهو وائرليس پيغام وصول ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. لبنان ۾ ايران نواز حزب الله وارا به وڏي تعداد ۾ استعمال ڪندا آهن. اسرائيل تي لبنان جي مختلف علائقن مان راڪيٽ، ميزائيل ۽ ڊرونز سان حملو ڪندڙ حزب الله جي ترجمان چيو آهي ته هي سندن لاءِ تمام وڏو سيڪورٽي بريچ آهي. حزب الله ڪجه وقت اڳ موبائيل فون استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي پر پيجر استعمال ڪندا هئا. پيجر حملا هاءِ ٽيڪ حملا آهن جن جي اسرائيل تصديق يا ترديد ناهي ڪئي. مري ويلن حزاب الله جا 2 ويڙهاڪ به شامل آهن جن مان هڪ لبناني پارليامينٽ جي ميمبر جو پٽ ٻڌايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو