سنڌ جي 13 ڌاڙيلن جي سرن تي لکين روپيا انعام جي سفارش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي، وڏي وزير مراد علي شاهه کي 13 ڌاڙيلن جي جيئرو گرفتار ڪرڻ يا مارجڻ تي انعام مقرر ڪرن جي سفارش ڪئي آهي. گهرو کاتي سي ٽي ڊي جي خط تي سنڌ جي وڏي وزير کي سمري موڪلي ڇڏي آهي. تجويز موجب ڪبير جتوئي تي 15 لک، ابراهيم مارفاڻي تي 10 لک، مرچوجتوئي تي 20 لک، مريد جتوئي تي 10 لک، دادو شيخ تي 30 لک، منور بروهي تي 5 لک، ڀورو بروهي تي 3 لک ۽ شڪور بروهي تي 20 لک رپيا انعام مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سمري م چاڪر بروهي لاءِ 10 لک رپيا، خير محمد تيغاڻي لاءِ 70 لک رپيا، لطيف رند لاءِ 10 لک رپيا، سلطان رند لاءِ 5 لک رپيا ۽ عطا محمد مري لاءِ 3 لک رپيا انعام جي سفارش ڪئي وئي آهي. وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ انهن ڌاڙيلن جي زنده يا مئل گرفتاري لاءِ انعام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو