پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته اسان پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪندس، آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملز پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان هميشه پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي مخالفت ڪئي آهي ۽ اسان انهي پاليسي تي قائم آهيون. ميٿيو ملز چيو ته آمريڪا پابندي مڙهيل هٿيارن جي حمايت ڪندڙ گروپ جي خلاف ڪارروائي جاري رکندو ته جيئن دنيا ۽ اسان انهن پابندي مڙهيل هٿيارن کان محفوظ رکي سگهون. هن چيو ته پابندي مڙهيل هٿيارن تي پابندي اصل ۾ اسان جي قومي سلامتي جي ضمانت آهي انهي لاءِ پابندين ۽ ٻين قدمن جو سلسلو جاري رهندو.آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي بيلسٽڪ پروگرام تي اسان جي نظر آهي پر اهو اسان جو ويجهو دوست ملڪ به رهيو آهي،آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيوملز چيو ته چين جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ مبينه طور تي پاڪستان جي شاهين 3 ۽ ابابيل سسٽم جي لاءِ اوزارن جي خريداري لاءِ پاڪستان سان تعاون ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو