اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ طرفان انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن 2 مهينن جو وقت گهري ورتو آهي.اليڪشن ڪميشن ۾ جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي انٽرا پارٽي ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ڪئي. جنهن ۾ جي يو آءِ جو جونيئر وڪيل پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته جمعيت علماءِ اسلام جون انٽرا پارٽي چونڊون مرحليوار ٿي رهيون آهن.وڪيل اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته سڀني کان وڌيڪ ضلعي يونٽس جي چونڊ ۾ وقت گهريو آهي. اسان دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جنهن چونڊ جو شيڊول ڏنو آهي، جولاءِ کان انٽرا پارٽي چونڊن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.جي يو آءِ جي وڪيل استدعا ڪئي ته اسان کي انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ 60 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏيو جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته 60 ڏينهن ته وڌيڪ آهن، وڪيل چيو ته آئيني اصلاحات جو معاملو هلي رهيو آهي، مصروفيت هئي، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته آئيني اصلاحات جو انٽرا پارٽي چونڊن سان ڪوبه تعلق نه آهي انهي کان پوءِ اوهان کي مهلت نه ملندي. اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي جي تاريخ بعد ۾ طئي ڪرڻ جو چوندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
شھيد مير مرتضى ڀٽي جو قتل ڪيس رولڙي جو شڪار
سنڌيار ڪراچي 20 سپيٽمبر 2024ع
سنڌيار سکر 20 سپيٽمبر 2024ع
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي