بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز لائرز فورم جي صوبائي صدرن جو اجلاس ٿيو.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلز لائرز فورم جو مرڪزي صدر نيئر بخاري، ميمبر قومي اسيمبلي نويد قمر ۽ سياسي صلاحڪار جميل سومرو موجود هئا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلز لائرز فورم جي صوبائي صدرن کي تجويز ڪيل آئيني ترميم تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو آهي.پاڪستان پيپلز لائرز فورم جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلز لائرز فورم جي صوبائي صدرن وچ ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميم تي ڳالهيون ڪيون ويون.پيپلز لائرز فورم جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صوبائي صدرن وچ ۾ تجويز ڪيل آئيني عدالتن جي قيام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.ملاقات ۾ پي ايل ايف سينٽرل پنجاب جو صدر راحيل چيما، ڏکڻ پنجاب جو صدر شيخ غياث، خيبرپختونخواهه جو صدر گوهر رحمان، بلوچستان بهرام خان ۽ سنڌ جو صدر قاضي بشير موجود هئا.پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميثاق جمهوريت ۽ منشور تحت تجويز ڪيل ترميم ۾ آئيني عدالتن جي قيام جي حق ۾ آهي.تجويز ڪيل آئيني ترميم ۾ ججن جي عمر جي معاملي تي بحث نه ڪيو، جڏهن ته حڪومت ججن جي عمر بابت تبديلي چاهي ٿي، ججن جي ملازمت شروع ڪرڻ جي عمر جي حد گهٽائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي جنهن تي حڪومت اتفاق ڪري ورتو ۽ مسودي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حڪومت چيف جسٽس جي وڌ ۾ وڌ عمر 3 سال وڌائي 67 سال ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ججن جي موجوده عمر جي حد 65 سال برقرار رکڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ججن جي عمر بابت آئيني ترميم سان ٽڪراءُ جو مطلب اهو هوندو ته اسان ڪنهن خاص شخص کي عهدي تان هٽائڻ چاهيون ٿا يا ان ۾ جيڪو غير مناسب هوندو،مون کي يقين آهي ته جسٽس منصور علي شاهه ايندڙ چيف جسٽس هوندو،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور علي شاهه بينچ جو حصو هئا جنهن بينچ ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس جو تاريخي فيصلو ٻڌايو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور علي شاهه چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وڏي عزت ڪريان ٿو،پاڪستان پيپلزپارٽي جو فوجي عدالتن بابت اصولي موقف آهي، ان جي حمايت نه ٿا ڪريون، حڪومت جيڪڏهن واقعي فوجي عدالتن بابت قانون سازي کي ضروري سمجهي ٿي ته پوءِ مطالبو ڪيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو گڏيل قومي سلامتي اجلاس گهرايو وڃي.آرٽيڪل 63 اي جي فيصلي پارليامينٽ جي ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو آهي،جيڪڏهن پارليامينٽ ميمبرن پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏنو ته نه رڳو سندن ميمبرشپ ختم ٿي ويندي پر سندن ووٽ به شمار نه ڪيو ويندو،پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ جي ميمبرن کي نه رڳو ووٽ ڏيڻ جو حق هجڻ گهرجي پر انهن جي ووٽن جي ڳڻپ به ٿيڻ گهرجي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني ترميم جو مبينا مسودو اصل ناهي

پهنجو تبصرو موڪليو