اڄ کان ڪهڙن نالن وارن لاءِ سٺو وقت شروع ٿيندو؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري هندي ايسٽرولوجي جي ماهر ڀڳوانداس جٽيا، لال ڪتاب جي آڌار تي ڪيل پيشنگوئي ۾ ٻڌايو آهي ته ح، ھ، ڪ، ق ۽گھه جي لفظن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن لاءِ اڄ 20 سيپٽمبر کان آڪٽوبر جي آخر تائين سٺو وقت رهندو. انھن نالن جي طالع جي يارھين گھر ۾ قمر ۽ پنجين گھر ۾ شڪر يعني زهره جي موجودگي سبب گذريل مهيني واري ذهني دٻاءَ، سخت پريشاني جي صورتحال بهتر ٿيندي. هنن کي سياسي، سماجي ۽ قانوني معاملن ۾ خوشخبري ملي سگهي ٿي. سومر ڏينهن سوا ڪلو چانورن جو دان ڪنهن غريب کي ڏيڻ سان فائديمند رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو