اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن بابت اجلاس ٿيو.ملاقات ۾ وزيراعظم ايف بي آر جي تبديلي واري منصوبي کي ساراهيو ۽ ان منصوبي تي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان وڌيڪ مشاورت جي هدايت ڪئي.هن ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن کي تيز ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.شهباز شريف چيو ته ايف بي آر ملڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي.ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جي معاشي سڌارن ۾ سنگ ميل جي نشاندهي ڪري ٿي.هن وڌيڪ چيو ته روينيو ۾ بهتري سان عوام ۽ سماجي شعبي کي خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي.شهباز شريف اهو به چيو ته سٺن ٽيڪس ادا ڪندڙن کي گهرايو وڃي، صلاح مشورا ۽ تجويزون وٺڻ گهرجن، خانگي شعبي جو بهتري حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، فعال ۽ خوشحال خانگي شعبو ملڪي معيشت لاءِ تمام ضروري آهي.
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد
28 سال اڳ بابا جو رت وهائڻ لاءِ 7 ڄڻن کي ڇڏيو ويو،جونئير ذوالفقار
گورنر سنڌ 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو
سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس منظور
اسپيڪر خط،پارٽي پوزيشن تبديل، پي ٽي آءِ ميمبر سني اتحاد جو حصو
پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ واري درخواست رد
جج عمران خان کي جلد سزا ڏيڻ ٿو چاهي: عليمه خان
اليڪشن ڪمشنر سنڌ سميت 3 آفيسر نااهلي ۽ بدانتظامي تي معطل