پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس جي ٻڌڻي هلندڙ مهيني 24 سيپٽمبر تي ٿيندي.چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.جسٽس جمال مندو خيل، جسٽس امين الدين، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي به 5 رڪني بينچ ۾ شامل آهن.عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان صلاح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو