فوج ۽ عدليه کي آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي: حافظ نعيم

ساهيوال )ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ملڪ کي اڳتي وڌڻو آهي ته فوج ۽ عدليه کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهڻو پوندو.ساهيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته هي نااهل ماڻهو عدليه کي پنهنجو ڪرڻ چاهين ٿا. آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهيون ٿا پر ان بل کي پارليامينٽ کان لڪايو وڃي، اسان مولانا فضل الرحمان کان اُميد رکون ٿا ته اها سموري ترميم رد ڪري ڇڏيندو. امير جماعت اسلامي چيو ته پاڪستان تي نااهل حڪومت پاران جعلي فارم 47 مسلط ڪيو ويو آهي، جيڪو جمهوريت جي توهين ۽ عوام جي راءِ کي ورهائڻ آهي، فارم 45 جي بنياد تي حڪومت ٺاهڻ گهرجي.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ٽرڪ جي ٹیل لائٽ پٺيان لڳايو ويو آهي.پاڪستان وڌيڪ رانديڪن جو متحمل نه ٿي سگهي، ملڪ کي اڳتي وڌڻو آهي ته فوج ۽ عدليه کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو