مهانگائي ۾ گهٽتائي باوجود 17 شين جون قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت جي مهانگائي گهٽائڻ جي دعوائن باوجود کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.ملڪ ۾ ضروري شين جي قيمتن ۾ هفتيوار بنياد تي 0.52 سيڪڙو گهٽتائي ۽ ساليانو بنيادن تي 12.72 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.هفتي دوران روزاني استعمال جي 15 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 19 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ان جي مقابلي ۾ 17 شين جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان ڏٺو ويو.شماريات جي بيورو 19 سيپٽمبر تي ختم ٿيندڙ هفتي جي ڊيٽا جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪنزيومر پرائس حساس انڊيڪس (ايس پي آءِ) 317.61 پوائنٽس تي رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مسلسل هفتي ۾ 319.28 پوائنٽس ۽ گذريل سال 281.77 پوائنٽس هو.

پهنجو تبصرو موڪليو