اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف 9 مئي جي ڪيسن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل ظهور الحسن طرفان علي امين گنڊاپور حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي، جنهن تي پراسيڪيوٽر راجا نويد چيو ته عدالت جوابدارن جو رويو ڏسي، مسلسل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.جج طاهر عباس سپرو رمارڪس ڏنا ته گذريل ڀيري حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني هئي ۽ 8 تاريخ تي اجلاس ۾ فزيبلٽي ٺيڪ هئي، جنهن تي وڪيل ظهور الحسن چيو ته عدالت اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري، مان يقين ڏياريان ٿو ته علي امين. موجود هوندو.جج طاهر عباس سپرا جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي علي امين گنڊاپور، واثق قيوم عباسي، راجا راشد حفيظ ۽ عامر محمود ڪياني جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌيار سکر 11 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 11 نومبر 2024ع
سخي ڄام ڏاتارجو 753 هون عرس ۽ انتظاميان پاران کنيل قدم
هوسٽن جي سنڌي ڪميونٽي پاران سانا جي اميدوارن تي اعتماد جو اظهار
ٽن مختلف آپريشنز ۾ 10 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو
ڀارت، چيمپئنز ٽرافي لاءِ نه آيو ته پاڪستان به ساڻن ڪا ميچ نه کيڏنو
حڪومتي فيصلن تي عدالتي اسٽي آرڊرن جي رپورٽ طلب
پاڪستان جي آسٽريليا کي 22 سالن بعد هوم گرائونڊ تي سيريز ۾ شڪست
موسمياتي تبديلين سبب ايندڙ سالن ۾ پاڪستان کي نقصانن جا امڪان
صدر زرداري دبئي مان واپس ڪراچي پهچي ويو
گهارو لڳ ڌنڌ سبب 6 گاڏيون ٽڪرائجي ويون 5 فوت، 12 زخمي
نوان ڪينال ۽ ڊيم ٺاهي، سنڌو درياهه جو قتل ڪيو پيو وڃي
عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان پوليس هٿ ڪري ورتو
بدڪردار پٽ جي ماءُ سان زنا، گرفتار، ڏوهه جو اعتراف
ڪينال ڪڍڻ سبب سنڌ سڪندي، ملاحن جا جائز مطالبا تسليم ڪريو
بدين ۾ ذاتي پريشانين کان تنگ اچي استاد جو مبينا آپگهات
ڪوئٽه ڌماڪي جي مذمت لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع
اتر وزيرستان ۾ دراندازي جي ڪوشش ناڪام، 6 خوارج مارجي ويا
دهشتگردن جي خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين، بگٽي ۽ نقوي