ڪراچي ۾ رات دير سان پوليس مقابلن دوران 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان مبينا مقابلي بعد پوليس ڪارروائي ڪندي 5 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار، نقدي، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون.يونيورسٽي روڊ تي هٿياربندن 8 شهرين کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.هٿياربندن شهرين کان 12 موبائل فون، نقدي ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب لياقت آباد سنڌي هوٽل ويجهو ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، جوابدارن سڪندر ۽ رحيم وٽان هٿيار، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.سخن بهنس ڪالوني نمبر 5 قبرستان ويجهو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڦورو گرفتار ڪيو ويو زخمي جوابدار عبدالغفار ۽ ارشاد وٽان هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ 2 موبائيل فون هٿ ڪيا ويا.ڪوئيٽا جي سهراب گوڙ بس اسٽينڊ وٽ پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جو ساٿي رئيس فرار ٿي ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ڊڪٽي شريف جي قبضي مان هٿيار، روڪ رقم ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو