ڊاڪٽر جو مبينا قتل،ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي معطل ڪري ڇڏيو.چيف سيڪريٽري ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ايس ايس پي سي آءِ اي ۽ لاڳاپيل ايس ايڇ او کي اڳ ئي معطل ڪيو ويو هو، سنڌ حڪومت قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي.سندس چوڻ آهي ته حڪومت آرڊر جاري ڪرڻ ۾ پوئتي نه هٽي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خلاف ڪارروائي لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکيو ويو آهي.ياد رهي ته مذهبي مامري تي ڊاڪٽر کي پوليس مبينه مقابلي ۾ ماريو ويو ۽ سندس مڙهه کي ساڙيو،ان کان اڳ سمورو عملي معطل ڪيو ويو،وڏي وزير واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي جاچ ڊي آءِ جي رينڪ جو آفيسر ڪري رهيو آهي جنهن کي رپورٽ 7 ڏينهن اندر ڏيڻ جو چيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو