اسماعيل ڏاهري گرفتار،ڪار مان چرس ڪلاشنڪوف روڪ رقم هٿ

حيدر آباد(بيورو رپورٽ)سنڌ جي وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار سردار اسماعيل ڏاهري کي سندس ساٿي سميت حيدرآباد مان گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب اسماعيل ڏاهري جي قبضي مان 5 ڪلو چرس، ڪلاشنڪوف ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي فرخ لنجار موجب اسماعيل ڏاهري منشيات جو عادی آهي، گاڏي مان منشيات هٿ ڪئي وئي آهي، امڪان آهي ته جوابدار منشيات جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان جاچ جاري آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته هو منشيات جو ڪاروبار ڪندو آهي، جوابدار وٽان سندس گاڏي مان منشيات هٿ ڪئي وئي، ڪارروائي لطيف آباد ۾ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو