اسرائيل جي لبنان ۾ ‘ڊجيٽل دهشتگردي’ ۽ سندس اتحادين جو ڪردار!

ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي
جمهوريت جي علمبرداري ڪندڙ آمريڪا ۽ سندس ٻين اتحادين، اسرائيل جي ڪنهن به دهشتگرد عمل کي دهشتگردي نه سمجهيو آهي. اسرائيل اهو ملڪ آهي، جنهن کي ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ آمريڪا ۽ برطانيا پيدا ڪيو. آمريڪا کيس وڌيڪ تاتي پالي ۽ عالمي دهشتگرديءَ جي تربيت ڏئي کيس فلسطين، ايران ۽ ٻين عرب ملڪن مٿان سامراجي مُلڪن جي مفادن جي نگرانيءَ لاءِ مڙهيو آهي. دهشتگرديءَ جي عالمي وصف موجب، “سويلين ماڻهن تي سياسي يا نظرياتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد جي استعمال کي دهشتگردي چيو ويندو آهي”. هِي اصطلاح خاص طرح سان “اهڙي ارادي سان ڪيل تشدد لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو امن يا جنگ جي حالتن ۾ غير فوجي ماڻهن خلاف هجي”. جيڪي ڪُجهه هن وقت اسرائيل جي قبضي ۾ آيل فلسطيني علائقن ۾ ٿئي پيو، اها دهشتگردي ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي آهي.
اسرائيل انهيءَ دهشتگردي جي باب ۾ هڪڙو نئون اضافو لبنان ۾ ‘ڊجيٽل دهشتگردي’ ڪري ڪيو آهي. اهڙي دهشتگردي، جيڪا اڳ ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ نه ڪئي آهي. پهريائين لبنان ۾ پيجر وسيلي حزب الله جي فوجين ۽ ميڊيڪل اسٽاف تي ڊجيٽل حملو، جنهن ۾ ٻن ٻارن سميت 12 ماڻهو مارجي ويا ۽ 3000 زخمي ٿيا. جن ۾ اڪثريت ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻين سويلين ماڻهن جي آهي. هڪ ڏينهن کان پوءِ ٻيو حملو فوجي نوعيت جي هٿ واري وائرليس فون يعني واڪي ٽاڪي ذريعي ڊجيٽل حملو، جنهن ۾ حزب الله جا 25 ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ چار سئو پنجاهه کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. اُنهن ٻنهي حملن ڪُجهه اهم سوال اُٿاريا آهن. پهريون اهو ته اهي ٻئي ڊجيٽل حملا هن وقت ڇو ڪيا ويا؟ ٻيو اهو ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي، جنهن اسرائيل تي ميزائيل حملن جي اجازت ڏني، انهيءَ جي هيليڪاپٽر جي تباهيءَ ۾ موت ڪٿي اسرائيلي ‘ڊجيٽل دهشتگردي’ ته نه هو؟ آمريڪا تي به ماضيءَ ۾ سندس مخالف ملڪن جي سربراهن ۽ فوجي ڪمانڊرن جي جهازن جي ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي تباهي جا الزام لڳندا رهيا آهن، انهيءَ ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ افغان جنگ مخالف پاڪستان جي هوائي فوج جي چيف ايئر مارشل مشرف مير جي جهاز جي تباهي ۽ سندس شهادت جو الزام آمريڪا تي لڳو هو. ٽيون سوال اهو آهي ته، ڇا آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي اُنهن ڊجيٽل حملن جي تياريءَ جي اڳواٽ خبر هئي؟
اربع تي وڌيڪ ٿيل ڌماڪن جي رپورٽن مان واضح ٿئي ٿو ته، اسرائيل، حزب الله کي هڪ وڏي محاذ آرائيءَ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي ڌُرين جو چوڻ آهي ته، اهي مڪمل جنگ ۾ دلچسپي نٿا رکن. اسرائيل جو غزا تي قبضي کان پوءِ لبنان جي حزب الله ۽ اسرائيلي فوج جي وچ ۾ لڳاتار ميزائيلن جا حملا جاري آهن. اسرائيلي جهازن جي بمباري ۽ ميزائيل حملن سبب حزب الله جا ڪافي ويڙهاڪ ۽ اهم ڪمانڊر مارجي ويا آهن.
پر هاڻوڪن ڊجيٽل حملن بابت تقريباً سڀئي جنگي ماهر ان راءِ جا آهن ته، پيجر ۽ واڪي ٽاڪي حملي لاءِ انتهائي رازداري ۽ ڊگهي عرصي واري منصوبابندي ۽ ٻين ملڪن يا سندن ڪارپوريشنس جي هم آهنگيءَ جي ضرورت هئي ۽ اهي تياريون غزا جي حملي کان به اڳ شروع ٿيون هونديون. رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته، حزب الله موبائيل فونز جي استعمال کان پاسو ڪندي آهي ۽ گهٽ ٽيڪنالاجيءَ وارن پيجرن تي ڀاڙيندي آهي. اسرائيلي جاسوسيءَ وارن ادارن انهيءَ معلومات کي پنهنجي تيارين لاءِ استعمال ڪيو ۽ فائدو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پر اهو ڪهڙو سبب هو جو 5 مهينا اڳ حزب الله صرف اهي پيجر ۽ واڪي ٽاڪي خريد ڪيا جن ۾ ننڍڙا بم لڳل هئا؟
اسرائيل جي هاڻوڪي دهشتگرديءَ واري ڪارروائيءَ کان اڳ، هن سال دمشق اندر اپريل جي مهيني ۾ ايران جي سفارتخاني کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ايران جا ڪُجهه اهم ڪمانڊر مارجي ويا، ان کان پوءِ حزب الله جي اعليٰ درجي جي آپريٽِوز ۽ ڪمانڊرن جي قتل، جولاءِ ۾ تهران ۾ اسماعيل هنيه جو قتل ۽ لبنان ۾ ڊجيٽل دهشتگردي وارا قدم ظاهر ڪن ٿا ته، اسرائيل جنگ جي دائري کي خاص رخ ۾ وڌائڻ جو خواهشمند آهي، هُو اهڙي جنگ چاهي ٿو جنهن ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي به سڌو سنئون شامل ڪري، سندن مدد سان ايران ٻين مخالفن کي مڪمل طرح تباهه ڪري. ايران اڃان تائين اسماعيل هنيه جي قتل جو جواب نه ڏنو آهي ۽ اهڙي جنگ ۾ نٿو ڦاسڻ چاهي جنهن ۾ آمريڪا به شامل ٿي وڃي. هن وقت قطر، مصر ۽ آمريڪا، جيڪي غزا ۾ جنگبنديءَ جون ڪوششون ڪن پيا، اهي لبنان ۾ ٿيل حملن کان پوءِ بي معنيٰ نظر اچن ٿيون. لبنان ۾ ٿيل اسرائيلي ڊجيٽل حملن جي عالمي سطح تي مسلمان ملڪن توڙي روس ۽ چين طرفان به مذمت ٿي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينٽونيو گوٽيرس چيو آهي ته، عام ماڻهن جون شيون هٿيار طور استعمال نه ٿيڻ گهرجن، جڏهن ته ڪريملن خبردار ڪيو ته، هِي واقعو علائقائي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. عالمي قانون موجب، عام استعمال جون شيون تباهيءَ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گُهرجن. جنگي ٻوليءَ ۾ اهڙن هٿيارن کي بوبي ٽريپ چون ٿا ۽ انهيءَ جي استعمال تي پابندي لڳل آهي.
اسرائيلي ڊجيٽل دهشتگردي حزب الله جي سموري ويڙهه واري نظام جي رابطن کي مفلوج ڪيو آهي، حزب الله جي عملدار چيو آهي ته، ڌماڪا گروپ جي تاريخ ۾ “سڀ کان وڏي سيڪيورٽيءَ ۾ ناڪامي آهن” .
بي بي سي پنهنجي تحقيقاتي رپورٽ ۾ اسرائيلي جاسوسي اداري موساد ۽ اسرائيل فوج جي ذريعن کان لبنان جي ڊجيٽل حملن بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ويو، جڏهن ته هڪ ٻئي مغربي ملڪ جي جاسوسي اداري جي معلومات مطابق لبنان جي هاڻوڪين ڊجيٽل دهشتگردي وارين ڪارروائين ۾ اسرائيلي فوج ۾ قائم ڪيل نئين جاسوسي يونٽ 8200 ۽ موساد گڏجي ڪيو. فوجي يونٽ 8200 جو بنيادي مقصد مخالفن بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ سائبر دفاع کان وٺي ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي حملن جي رٿابندي ڪرڻ آهي. اهو فوجي يونٽ گذريل هڪ سال کان حزب الله خلاف ڊجيٽل حملن جي تياري ڪري رهيو هو. جنهن ۾ اهڙن ملڪن جا پيجر ۽ واڪي ٽاڪي ٺاهڻا هئا، جيڪي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي ڪري مشهور آهن. انهيءَ جي ڪري تائيوان جي پيجر ۽ جاپان جي واڪي ٽاڪي ٺاهڻ جا لائسنس حاصل ڪري انهن ۾ جديد بارودي مواد رکيو ويو. بي بي سي ۽ ٻين ادارن جي انهن خبرن تي اسرائيلي فوج تبصري کان انڪار ڪيو آهي، وزيراعظم جي آفيس، جيڪا موساد جي نگراني ڪري ٿي، تنهن به نه ترديد ڪئي ۽ نه وري تصديق.
انهيءَ معلومات مان ظاهر آهي ته، اسرائيل جي گذريل هڪ سال کان ڊجيٽل دهشتگرديءَ جي تياري آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي جاسوسي ادارن کان ڳجهي ڪونه هئي. ممڪن آهي ته کين حملي جي وقت جي خبر نه هجي. پر اهو ته طئي آهي ته آمريڪا، اسرائيل کي اهڙي ڊجيٽل دهشتگرديءَ کان ڪونه روڪيو ۽ نه وري حملي کان پوءِ مذمت ڪئي، جنهن سبب هزارن جي تعداد ۾ لبنان جي سويلين آبادي، خاص طرح ڊاڪٽر، نرسون ۽ ٻيو ميڊيڪل اسٽاف متاثر ٿيو آهي.
انهن حملن کان پوءِ حزب الله جي اڳواڻ نصر الله پنهنجي تقرير ۾ جتي پنهنجي ويڙهاڪن کي دلداري ڏني آهي ۽ اسرائيل کي اهڙو ڪينسر سڏيو آهي، جنهن سان مقابلو ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪينسر جي پکيڙجڻ کي نه روڪبو ته سڄي عرب ملڪن ۾ پکڙجي ويندو. پر ساڳئي وقت ڌمڪي ڏني اٿس ته اسين اسرائيلي پناهگيرن کي واپس اسرائيل جي قبضي ۾ آيل لبنان جي علائقن ۾ اچڻ ڪونه ڏينداسين. انهيءَ تقرير کان پوءِ حزب الله پنهنجي ميزائيلن سان اسرائيل تي ٻيهر حملو ڪيو آهي ۽ موٽ ۾ اسرائيلي جهازن حملا ڪيا آهن. ايران چيو آهي ته، آمريڪا، اسرائيل ۽ سندس ٻيا اتحادي اسان کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، اسان کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو.
اسرائيل جيڪڏهن ڊجيٽل دهشتگردي، لبنان تي حملي کان پوءِ ڪري ها ته کيس جنگي فائدو ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته جنگ جي وقت حزب الله جو رابطي وارو نظام مفلوج ٿي وڃي ها. پر هن وقت حزب الله کي ڊجيٽل حملي سبب ٿيل نقصانن جو پورائو ڪرڻ ۽ تياري ڪرڻ جو موقعو ملندو. انهيءَ جي ڪري اسرائيل جو انهيءَ حملي جو مقصد ٻيو هو. اسرائيل جي خواهش آهي ته، سندس حملن تي حزب الله ۽ ايران ڪا اهڙي غلطي ڪن، جنهن سان اسرائيل مظلوم لڳي ۽ آمريڪا ۽ سندس اتحادي لبنان ۽ ايران تي حملن ۾ سندس ساٿ ڏين. اهو لڳي نٿو ته ايران ڪو اهڙو قدم کڻندو، ايران اهڙي ڪنهن به قدم کان اڳ پنهنجي اتحادين، خاص طرح روس سان ضرور مشورو ڪندو ۽ کانئس يوڪرين جي جنگ ۾ هٿيارن ڏيڻ عيوض سفارتي ۽ جنگي مدد گهرندو. انهي جي ڪري فوري طرح وڏي علائقائي جنگ جا امڪان گهٽ آهن.
اسرائيل جي ڊجيٽل دهشتگردي، پاڪستان ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي لاءِ به مسئلو بڻجي سگهي ٿي. اسرائيل جا هندوستان سان ويجها تعلقات آهن ۽ اسرائيلي موساد ۽ هندوستاني جاسوسي ادارو “را” پاڻ ۾ ڪافي عرصي کان تعاون ڪن پيا. جيڪڏهن اسرائيل پنهنجي ڊجيٽل دهشتگردي واري ٽيڪنالاجي هندوستان جي حوالي ڪئي ته پاڪستان جي سلامتي لاءِ به نوان چئلينجز پيدا ٿيندا. ساڳئي وقت گڏيل قومن جي عالمي اداري جيڪڏهن هن ڊجيٽل دهشتگردي، جنهن ۾ 3000 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، تي ڪو گڏيل اجلاس نه گهرايو ۽ هن معاملي کي ڇڏي ڏنو ته عالمي طرح اهڙين ڪارروائين ۾ اضافو ٿيندو. ٻئي طرف اهڙو واقعو جيڪڏهن يوڪرين ۾ ٿئي ها ته آمريڪا، يورپي يونين ۽ سندس ٻيا اتحادي فوري طرح گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ڪوٺائين ها ۽ روس تي نيون پابنديون مڙهين ها. سامراجي ملڪن جي جمهوريت ۽ انصاف جو ڀيانڪ چهرو هنن واقعن وقت ظاهر ٿيو پئي.

هي آرٽيڪل روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙڻ لاءِ پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو