ڀارت پهرين ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارت پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش کي 280 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڀارت طرفان ڏنل 515 رنسن جي تعاقب ۾ بنگلاديشي ٽيم 234 رنسن تي ڍير ٿي وئي.بنگلاديش طرفان نجم الحسن شانتو 82 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.ڀارت طرفان ٻي اننگز ۾ ايشون 6 ۽ جڊيجا 3 وڪيٽون ورتيون.پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ ڀارتي ٽيم 376 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته دوري جي ٽيم 149 رنسون ئي ٺاهي سگهي.ٻئين اننگز ۾ ڀارت 287 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي ۽ بنگلاديش کي فتح لاءِ 515 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.واضح رهي ته 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڀارت کي هڪ صفر جي برتري حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو