علي وزير جي نظربندي ۾ واڌ،پنڊي بينچ ۾ درخواست داخل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي ضلعي انتظاميا اڳوڻي ايم اين اي علي وزير جي حراست ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي علي وزير خلاف ٽن ايم پي او جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.اڳوڻو ايم اين اي علي وزير اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ نظربند آهي، ضلعي انتظاميا کيس 4 کان 19 سيپٽمبر تائين حراست ۾ رکڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.نون حڪمن تحت علي وزير کي 4 آڪٽوبر تائين نظربند رکيو ويندو.علي وزير جي وڪيلن ٽن ايم پي اوز خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ سان رابطو ڪري ورتو.جسٽس چوڌري عبدالعزيز 24 سيپٽمبر تي نظربندي جي حڪمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو