شگر مل وارن جو گورنر کي خط، قرضن جي واپسي ۾ واڌ جو مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوگر ملز ايسوسي ايشن گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي خط لکي قرض جي واپسي جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، شوگر ملز ايسوسي ايشن طرفان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪمرشل، اسلامي بئنڪن پاران شگر ملن کي ڏنل قرضن جي واپسي جي تاريخ ۾ 31 ڊسمبر 2024ع تائين واڌ ڪئي وڃي.شگر ملون 3 مهينن جي مختصر عرصي ۾ 12 مهينن جي کنڊ پيدا ڪري ٿي.پنهنجي خط ۾ ايسوسي ايشن چيو ته ڪمند ملن کي پهچائڻ جي 15 ڏينهن اندر سمورن هارين کي ادائيگي ڪئي وڃي.شگر ملن لاءِ 30 سيپٽمبر 2024ع تائين 200 ارب رپين جا بئنڪن جا بقايا ادا ڪرڻ ناممڪن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو