ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ليڪ،خدشو هو پيپر ليڪ ٿيندو،نوناري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ليڪ ٿي ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپر رات 12 وڳي ليڪ ٿيو.ان حوالي سان چيئرمين يو ڊي اي ڊاڪٽر محبوب جو چوڻ آهي ته اسان خدشو ظاهر ڪيو هو ته پيپر ليڪ ٿي سگهي ٿو، اميد آهي ته ليڪ ٿيل پيپر جعلي هوندو.ٻئي طرف ڊائو انتظاميا وائرل پيپر کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.والدين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙا سوال پيپر ۾ ڏنا ويا ته هو احتجاج ڪندا.ملڪ جي سرڪاري ۽ خانگي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جا انٽري ٽيسٽ جاري آهن.18 هزار کان وڌيڪ سيٽن لاءِ هڪ لک 67 هزار 77 اميدوار امتحان ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو