سوات ۾ پوليس موبائل تي بم حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 3 زخمي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) سوات جي علائقي جهان آباد ۾ پوليس موبائل تي بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب سوات ۾ مالم جبه روڊ تي واقع جهان اباد جي علائقي ۾ پوليس وين ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا.زخمي اهلڪارن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران هڪ اهلڪار زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. شهيد اهلڪار جي سڃاڻپ ڪانسٽيبل برهان جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ سب انسپيڪٽر سرزمين، ڪانسٽيبل امان الله ۽ ڪانسٽيبل حبيب گل شامل آهن.پوليس ذريعن موجب ڌماڪي ۾ پوليس جي گاڏي کي به سخت نقصان پهتو پر ڌماڪي جي نوعيت جي خبر نه پئجي سگهي آهي. ڊي آءِ جي سوات محمد علي خان ٻڌايو ته ڌماڪي جي جڳهه تي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي ۽ امدادي ڪم جاري آهي، جڏهن ته سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو