جلسن جي لاءِ ميدان ڀرڻ بجاءِ عوام جي معاشي حالت بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جو ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي بيان سامهون اچي ويو آهي.وزيراعظم چيو ته انتشاري سياست رد ڪري عوام معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي، پنهنجي مسئلن جو حل ۽ معاشي بهتري چاهي ٿو.شهباز شريف چيو ته جلسن جي لاءِ ميدان ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ عوام جون معاشي حالتون بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. جلسا 2028 ۾ ڪنداسين هن وقت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جي لاءِ محنت ڪرڻ جو وقت آهي.وزيراعظم چيو ته معاشي بحالي سياسي استحڪام سان جڙيل آهي، سياسي انتشار جو مطلب عوام کي ريليف ڏيڻ جي عمل کي متاثر ڪرڻ آهي. عوام سياسي استحڪام جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ڪري معاشي ترقي جي حمايت ڪئي آهي، سياسي استحڪام جي لاءِ قوم جو اتحاد پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل ۽ مهانگائي کان ڇوٽڪاري جي ضمانت ثابت ٿيندو.هن چيو ته معاشي چيلينج، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قوم، سياسي پارٽين، ادارن ۽ صوبن کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو. سياسي افراتفري ۾ قوم ۽ ملڪ جو تمام گهڻو وقت ضايع ٿي چڪو آهي. وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ نه آهي. وفاق سمورن صوبن سان ملي عوامي مسئلن جي حل، مهانگائي ۾ گهٽتائي، مساوي ترقي جي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي پاليسي تي ڪاربند رهندو.وزيراعظم چيو ته رب پاڪ جو شڪر آهي ته مهانگائي سنگل ڊيجٽ ۾ واپس آئي آهي، معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، برآمدات ۾ اضافو، روپئي جو مستحڪم ٿيڻ، ناڻي جي مٽاسٽا ۾ اضافو، وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ اهي سڀ معاشي ترقي جا چٽا ثبوت آهن. اسان سڀني جو اصل حدف اهو هجڻ گهرجي ته اهو آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو، اها هوندي اصل ڪاميابي.هن وڌيڪ چيو ته گاريون، گولي، انتشار ۽ فساد سان معيشت بهتر ٿيندي نه معاشرو، هر صوبو، هر ادارو عوام جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو