گلبرگ ۾ پاڻي فراهمي نه ٿيڻ تي محتسب اعليٰ ۾ درخواست داخل

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گلبرگ ٽائون جي شهري عثمان خان پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن خلاف صوبائي محتسب اعليٰ کي درخواست داخل ڪري ڇڏي. عثمان خان جي اها شڪايت هئي ته هن جي علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي مسلسل متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري کيس ۽ علائقي جي ٻين رهواسين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن درخواست جي تحقيقات ڪراچي سينٽرل ضلعي جي ريجنل ڊائريڪٽر نذير احمد قدوائي ڪئي، جنهن ان مسئلي جي مڪمل جاچ پڙتال ڪئي. جاچ کانپوءِ ڪيس کي صوبائي محتسب اعليٰ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت آڏو پيش ڪيو ويو. عثمان خان جي شڪايت تي ڪاروائي ڪندي فيصلو ڪيو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن فوري طور تي شهرين جي شڪايت جو ازالو ڪري ۽ علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي. صوبائي محتسب اعليٰ پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته شهرين کي بنيادي سهولتن جي فراهمي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي ۽ پاڻي جهڙين ضرورتن ۾ ڪوتاهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو عثمان خان واري علائقي ۾ پاڻي جي باقاعده فراهمي کي يقيني بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙا مسئلا ٻيهر پيدا نه ٿين. هي فيصلو شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي ۽ ان سان اهو به پيغام ملي ٿو ته صوبائي محتسب اعليٰ عوامي شڪايتن کي سنجيدگي سان وٺي ۽ انهن جي ازالي لاءِ تڪڙا ۽ بهتر قدم کڻي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو