اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي ڌمڪي 9 مئي ورجائڻ جو اعلان آهي. علي امين گنڊاپور جي گولي هلائڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي حڪومت هلائڻ جي لائق ناهي، ڪي پي جو وڏو وزير گارين مان هاڻ گولين تي هلي پيو آهي، ان سان هو ڪنهن ٻئي جو نه پنهنجو نقصان ڪندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو ڪو بيان، ڪو قدم ۽ ڪو رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي، هن ڪڏهن نه چيو ته اسان تعليم، صحت، روزگار ۽ معاشي بهتري جي ميدان ۾ مقابلو ڪنداسين، انقلاب آڻڻو آهي ته صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀلائي جي منصوبن جو آڻيو. سندس چوڻ هو پاڪستان کي ڏيوالي جي ڪناري تي پهچائيندڙ پي ٽي آءِ کي تڪليف آهي ته پاڪستان معاشي بحالي ڏانهن ڇو وڌي رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف فلسطينين جي حمايت ڪئي ۽ اسرائيل کي للڪاريو، پاڪستان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي ان تي تڪليف پهتي آهي.
فيريئر حال مان پينٽنگز چوري ٿيڻ جون خبرون ڪوڙيون قرار
قمبر ۾ مقابلو، فائرنگ، هڪ ڦورو گرفتار، ٻيو فرار
تلهار ۾ روڊ حادثو، 6 معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 10 زخمي
پاڻ سان شادي ڪندڙ ٽڪ ٽاڪر آپگهات ڪري ڇڏيو
ٻوڏ متاثرن جي مدد اسان جي اولين ترجيح آهي: بلاول ڀٽو
غير جمهوري ماڻهن آئين کي تباهه ڪيو، علي امين گنڊاپور
راولپنڊي ۾ 2500 ماڻهو زخمي ٿيا: شيخ وقاص اڪرم
مان نواز شريف جي گڊ بُڪ ۾ نه هيس: سعد رفيق
اورنگي ٽائون ۾ اسڪول جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم
عدنان صديقي کي اسڪول ۾ ڪٽيندي هيس، اوڍو
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي ضمانت واري درخواست رد
63 اي ڪيس، جسٽس منيب جو شرڪت کان انڪار،ٻڌڻي ملتوي
لاپتا شهري جي ڪيس ۾ علي امين عدالت ۾ پيش
ٽريبيونلز متعلق ڪميشن جي اپيل منظور،هاءِ ڪورٽ جو حڪم رد
سپريم ڪورٽ ججن جو روسٽر جاري ڪري ڇڏيو
نتاشه جي منشيات ڪيس ۾ به ضمانت منظور
بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جي ضرورت ناهي: سرفراز بگٽي
ڊالر 277 رپيا 60 پئسا ٿي ويو،اسٽارڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پاڪستان پهچي ويو
ڊاڪٽر قتل ڪيس، آفيسرن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل