ڊاڪٽر قتل ڪيس، آفيسرن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي ماورائي عدالت قتل ڪيس ۾ وڏي پيش رفت ٿي وئي آهي.سنڌ جي گهرو کاتي جي درخواست تي واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن سميت 24 ڄڻن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا.ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل آهن.رپورٽ موجب اسٽاپ لسٽ ۾ هڪ انسپيڪٽر، 4 سب انسپيڪٽر، هڪ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 13 ڪانسٽيبل جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن.ميرپورخاص پوليس پاران ڊاڪٽر شاهنواز کي سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي دوران مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي پر انڪوائري ڪميٽي پوليس جي موقف کي رد ڪندي ان کي ڪوڙو مقابلو قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو