سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڳوٺ آباد سميت ٻين کي ڳوٺن جي سروي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هاڪس بي جي 6هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيو ته ميمبر بورڊ آف روينيو، ڊي سي، اي سي، مختيارڪار ۽ ٻيا واسطيدار ادارا ڳوٺن جي سروي ڪن سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته جيڪي به ڳوٺاڻا اتي رهن ٿا، انهن جي سروي ڪري انهن کي زمين الاٽ ڪئي وڃي عدالت بورڊ آف روينيو کان ڄاڻايل زمين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، عدالت اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 4هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو