اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي لاش گهرجن ۽ اهي جهيڙي جي لاءِ ريڊ زون اچڻ چاهين ٿا، هي چاهين ٿا ته گوليون هلايون وڃن ڇو ته پارٽي جي اندر ماڻهو مارائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي آهي. سينيٽر فيصل واوڊا اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رياست، سياست ۽ حڪومت جي هڪ حد آهي. ڍر، مروت، لحاظ گهڻو ٿي چڪو، بدمعاشي جي سياست ڪرڻي آهي ته ڏسي ٿا وٺون ته ڪير ڪامياب ٿيندو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جا وسيلا احتجاج جي لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. علي امين گنڊاپور انهي لاءِ باهه وسائي رهيو آهي ته هو وڏو وزير آهي مان چونا ٿو ته هو صرف پيادو آهي، منهنجي لاءِ انهي جي زندگي به اهم آهي ڇو ته اهو منهنجو ساٿي رهيو آهي. هن چيو ته منصوبه بندي ٿي وئي آهي ته ماڻهو مارڻا آهن ۽ لاشن جي سياست ڪرڻي آهي، هنن کي لاشن جي ڍير جي ضرورت آهي پر خيبرپختونخواهه جا ماڻهو به اسان جا پنهنجا آهن. فيصل واوڊا چيو ته هڪ پوري ڪهاڻي هلي رهي آهي جنهن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي. خدارا معصوم ٻارن جون حياتيون بچايو. عدليه کي معصوم ٻارن جون حياتيون بچائڻ لاءِ مداخلت ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته جلسن ۾ 50 هزار ماڻهو به اچي ويا ته ڇا اها 25 ڪروڙ ماڻهن جي نمائندگي آهي. عمران خان غريبن جي ٻارن جي زندگين سان نه کيڏي. هن چيو ته مون انهي وقت به پي ٽي آءِ باني کي روڪيو هو پر عمران خان ۽ فيض حميد ملي ويا، مون اڳ ئي چيو هو ته لانگ مارچ نه ڪريو، اوهان تي گوليون هلايون وينديون.فيصل واوڊا چيو ته هنن جي پارٽي ۾ ڊڪٽيٽر شپ آهي، هنن جي پارٽي ۾ جيڪي شريف هوندا آهن انهي کي ڊڄڻو چوندا آهن، پي ٽي آءِ باني پنهنجي جگري دوست نعيم الحق جي وفات تي به نه ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني آزادي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي پر اهو پهريان پنهنجن پٽن کي ته پاڪستان گهرائي، اسان سموريون شيون ٻڌي ۽ ڏسي رهيا آهيون. ٽائمنگ اهم آهي ڇو ته پاڪستان ۾ ايس سي او اجلاس شروع ٿيڻ وارو آهي.هن وڌيڪ چيو ته مروت ۽ لحاظ گهڻو ٿي ويو. مون کي ايترو مجبور نه ڪيو وڃي جو اوهان جون سموريون شيون قوم جي سامهون رکي ڇڏيان، منهنجي پريس ڪانفرنس جو مقصد صرف ۽ صرف عوام کي بچائڻو آهي.
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع