آپريشنل مسئلا، ڪراچي ۽ لاهور جون 2 اڏامون منسوخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آپريشنل مسئلن سبب ڪراچي ۽ لاهور جون 2 اڏامون پي ڪي 302 ۽ 303 رد ڪيون ويون.فلائيٽ شيڊول موجب ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ پي ڪي 300 ۽ 370 اڏامون هڪ کان اڍائي ڪلاڪ جي دير ٿي رهيون آهن.ڪراچي کان لاهور جي اڏام پي ڪي 304 7 ڪلاڪ دير سان رات 9 وڳي رواني ٿيندي جڏهن ته لاهور کان ڪراچي جي اڏام پي ڪي 305 پنج ڪلاڪ دير سان رات 10 وڳي رواني ٿيندي.سيالڪوٽ کان جده جي اڏام پي ڪي 735 14 ڪلاڪ دير سان رات 12 وڳي رواني ٿيندي.اسلام آباد کان دبئي، جده، رياض، لنڊن جون اڏامون هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ دير سان روانيون ٿيون، جڏهن ته اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ اڏام پي ڪي 301 2 ڪلاڪ جي دير سان رواني ٿي.شارجه، دبئي کان پشاور ويندڙ اڏام پي ڪي 258 ۽ 284 هڪ کان اڍائي ڪلاڪ جي دير ڪئي وئي.استنبول کان ڪراچي جون 4 پرڏيهي هوائي اڏامون 1.5 کان 3 ڪلاڪ دير جو شڪار ٿيون آهن جڏهن ته 2 پرڏيهي هوائي اڏامون 2 کان 2.5 ڪلاڪ دير جو شڪار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو