لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ دهشتگرد پارٽي آهي جيڪا هر ڀيري پنهنجي ئي ملڪ تي حملو ڪندي آهي، هنن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ملڻ گهرجي.صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته هميشه کان جيڪا ڳالهه چوندي رهي آهيان اڄ اها دنيا جي سامهون اچي وئي آهي، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه آهي، نه هئي ۽ نه ئي وري ٿي سگهي ٿي.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته رياست کي انهن سان ساڳيو ئي سلوڪ ڪرڻ گهرجي جيڪو دهشتگردن سان ڪيو ويندو آهي، ٻئي صورت ۾ گهڻي دير ٿي ويندي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ويس ۾ تحريڪ انتشار جو واحد مقصد ملڪ ۾ باهيون ڏيڻ آهي، اها ڪنهن رياعت يا نرمي جي مستحق نه آهي.مريم نواز چيو ته هنن جي لشڪر ۾ فرنٽ لائنز ۾ تربيت يافته دهشتگرد شامل آهن جن کي هنن پوليس ۽ رياست تي حملو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو آهي، ڪهڙو ملڪ اهو برداشت ڪندو.؟ پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته لاهور ۾ تحريڪ انتشار جي وڪيلن طرفان ڪيل پٿراءُ سبب ڪانسٽيبل بلال سخت زخمي ٿي پيو آهي. ڇا اهڙي حرڪت ڪا سياسي پارٽي ڪري سگهي ٿي ۽ اهو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي.
پي ٽي آءِ جو ڊي چوڪ تي قبضو،چڪريون، پٿراءُ ۽ شيلنگ،برسات جاري
پي ٽي آءِ دهشتگرد پارٽي آهي رعايت نه ملڻ گهرجي: مريم نواز
سيف جو شنڪر جي حوالي سان بيان کي علظ پيش ڪيو ويو
خان جي ڀينرن عليما ۽ عظميٰ خان جي بازيابي لاءِ بيلف مقرر
علي امين گنڊاپور گرفتار،سرڪاري ذريعن جي ترديد
ڪراچي کي جديد شهر بڻائڻ لاءِ 3 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي: شاهه
ڪوٽا سسٽم بهتر آهي، ايم ڪيو ايم اختلاف رکي ٿي: سعيد غني
استادن جي عالمي ڏينهن تي صدر،وزيراعظم سميت ٻين جا بيان
واپارين جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي جاري
گنڊاپور فيڊريشن خلاف هٿيار پيو استعمال ڪري،تارڙ
پاڪستاني ٽيم پنهنجي حالتن مان فائدو وٺي سگهي ٿي: جو روٽ
فوج کي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڪارروائي جو اختيار، خط جاري
150 افغاني گرفتار،پي ٽي آءِ قافلي مان شيل فائر ڪيا ويا،نقوي
سوات ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن، مک سميت 2 خوارج مارجي ويا
خارجين سان فائرنگ جي نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 6 جوان شهيد
هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ايندڙ هفتي ٻڌڻين وارو روسٽر جاري
پي ٽي آءِ ڌرڻي خلاف 2014 واريون درخواستون مقرر
فيض آباد ۾ ڌرڻو، پي ٽي آءِ جي 17 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل
آپريشنل مسئلا، ڪراچي ۽ لاهور جون 2 اڏامون منسوخ
هفتيوار مهانگائي 13.2 سيڪڙو واڌ،رپورٽ جاري