ثنا جي اڳوڻي مڙس عمير خاموشي سان شادي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور گلوڪار ۽ اداڪار عمير جسوال پنهنجي شادي جي تصوير شيئر ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي دل ٽوڙي ڳائڻي پنهنجي اڳوڻي زال ۽ اداڪارا ثنا جاويد پاران ڪرڪيٽر شعيب ملڪ سان شادي جي اعلان جي لڳ ڀڳ 9 مهينن کانپوءِ پنهنجي ڳجهي شادي جو اعلان ڪيو آهي.عمير جسوال 7 آڪٽوبر تي انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪريم رنگ جي شيرواني، پگڙي پاتل گهوٽ جي نظر ۾ اچي پيو،ان سان گڏ هن انسٽا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هڪ قرآني آيت به شيئر ڪئي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جلد ئي توهان جو رب توهان کي ايترو گهڻو ڏيندو ته توهان مطمئن ٿي ويندا.گلوڪار الله جو شڪر ادا ڪندي الحمدالله به لکيو آهي، جنهن کانپوءِ زندگي جي هن نئين باب جي شروعات تي ساٿي فنڪارن ۽ مداحن طرفان مبارڪن ۽ نيڪ تمنائن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو