آئيني ترميم تي بلاول ۽ نواز ۾ اتفاق، مولانا جون تجويزون شامل، اجلاس طلب

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ پارٽي وفد ميان نواز سريف سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي پارٽين 26 هين آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول جي يو آءِ سميت سڀني پارٽين سان ڪيل رابطن ۽ پيش ڪيل تجويزن بابت ميان نواز شريف کي بريف ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ڇنڇر تي آئيني ترميم لاءِ خورسيد شاهه جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان جي شرطن ۽ تجويزن بابت به ميان نواز شريف کي آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن، گوهر خان، عمر ايوب، اسد قيصر کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، بلاول ڀٽو ۽ اسحاق ڊار به خصوصي طور شرڪت ڪندا.  ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف چيو ته آئيني ترميمي مسودو اتفاق راءِ سان منظور ڪرايو وڃي. ان کان جڏهن بلاول ڀٽو پنهنجي وفد سان گڏ محمد نواز شريف جي گهر  پهتو ته هن سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. پي پي وفد ۾ سيد يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه، نويد قمر، شيري رحمان ۽ مرتضيٰ وهاب شامل هئا. جڏهن ته ملاقات ۾ احسن اقبال، رانا ثناءُ الله ۽ ٻيا موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ درپيش مسئلن جي حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي جماعتن جي اڳواڻڻ ۾ پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو