ڦر ۽ ڀتا خوري ڪندڙ عورت 2 ساٿين سميت گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ڦر ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث عورت سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ شعيب ميمڻ موجب جوابدار عمران اورنگي ٽائون جي هڪ واپاري کان هڪ لک رپيا گهريا هئا، جنهن تي ايس آءِ يو پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي عورت سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.جوابدار عمران عرف شاڪا وٽان سم سميت ڀنگ جون فونون به هٿ ڪيون ويون آهن.جوابدار عمران سان گڏجي اورنگي ٽائون ۾ 2 درجن کان وڌيڪ ڀتا خوري ۽ ڦر جا واقعا ڪيا.جوهر آباد ۾ به ڦر دوران جوابدارن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو.پوليس اختيارين موجب جوابدار جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو