آئيني ترميمن جو مامرو، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جا مسودا جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف، جميعت علماءِ اسلام، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن آئيني ترميمن بابت پنهنجا ڊرافٽ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن اڳواڻن پنهنجي تجويز ڪيل آئيني مسودي تي خيالن جو اظهار ڪيو. پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن پنهنجو مسودو ڪميٽي ۾ جمع ڪرايو.اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪميٽي سمورين ڌرين جو موقف ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندي. ڪوشش آهي ته ارڙهين ترميم وانگر گڏيل مسودي تي اتفاق ڪيو وڃي.ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته بهتري لاءِ دعا گهري رهيو آهيان، مان سمجهان ٿو ته دعا جو وڏو اثر آهي، جڏهن توهان الله سان رابطو ڪندا آهيو ته بهتري ايندي آهي.وزيراعظم نذير تارڙ چيو ته اڄ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيتريون ئي تجويزون سامهون آيون آهن. ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي 12 وڳي ٻيهر ٿيندو. انهن ترميمن ۾ جوڊيشل ڪميشن جو دائرو ۽ ٺهڻ ڪهڙو هوندو؟ انهن ترميمن ۾ آئيني عدالت جو قيام ۽ ججن جي بدلي شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو