اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) 26 هين آئيني ترميم بابت پارليمان جي خصوصي ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ مسودي تي اتفاق نه ٿي سگهيو. مختلف سياسي ڌرين پنهنجي قيادت سان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو. اجلاس ۾ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي پنهنجو پنهنجو ڊرافٽ پيش ڪيو جيڪو سڀني جماعتن سان شيئر ڪيو ويو. اجلاس بعد ميديا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسانجو موقف آهي ته آئيني ترميم جو مسودو چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ ڄاڻايل عدالتي سڌارن تائين محدود ڪيو وڃي. جيڪڏهن مسلم ليگ(ن) ان ۾ ٻيا معاملا به شامل ڪرڻ چاهي ٿي ته اهو سندن حق آهي پر پوءِ معاملو اينگهندو ويندو. اسين چاهيون ٿا ته واٽر اڪارڊ، بينظير انڪم سپورٽ ۽ ڏکڻ پنجاب جا معاملا به ان ۾ شامل ڪيا وڃن. پوءِ ته معاملو تڪڙو نه نبرندو. اسين چاهيون ٿا ته سڀني جماعتن جي اتفاق سان معاملو حل ڪريون. هن هڪ سوال تي چيو ته اسانجي ڊرافٽ ۾ وفاق ۽ چئني صوبن ۾ آئيني عدالتن جو قيام ۽ ججن جي ڀرتي جي طريقيڪار بابت آهي. پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومتي ڊرافٽ مونجهارن جو شڪار آهي، پيپلز پارٽي جو موقف سان ڪافي حد تائين سهمت آهيون. هن چيو ته اسانجي اڳواڻڻ جي وفد کي باني سان جيل ۾ ملاقات ڪرائي وڃي جيئن ساڻس مشاورت ڪري گائيڊ لائين وٺي سگهون. بعد ۾ مولانا فضل الرحمان ويندي ويندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ پهريون ڀيرو حڪومتي ڊرافٽ مليو آهي ان تي غور ڪنداسين. هن واضح ڪيو ته اسين عدالتي آزادي، جمهوري ۽ بنيادي آئيني حقن تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين. اسين نٿا چاهيون ته هڪ اداري کي طاقتور ڪريون ۽ ٻين کي ڪمزور ڪريون. اسانجي ڪوشش آهي ته اتفاق راءِ سان ترميم پاس ڪريون. هن چيو ته 18هين ترميم جي منظوري م 9 مهينا لڳا، هاڻي 9 ڪلاڪ ۽ 9 ڏينهن به نه ملندا ته اهو ڪيئن ٿيندو. هن چيو ته مان سڀني ڌرين تي زور ٿو ڏيان ته تڪڙ ۾ آئيني ترميم منظور نه ڪئي وڃي.
ڪابينا پاران هر ٿاڻي کي سڌي ريت بجيٽ جاري ڪرڻ جي منظوري
آئيني ترميم، مسودي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، مشاورت لاءِ مهلت طلب
پي ٽي آءِ پاران ڊي چوڪ تي ٻيهر 15 آڪٽوبر تي احتجاج جو اعلان
سياستدانن جيان سرڪاري عهديدارن جا اثاثا به ڊڪليئر ڪيا وڃن
ڊاڪٽر شاھنواز جا قاتل فوري گرفتار ڪريو، رياض چانڊيو
چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ تي فل ڪورٽ ريفرنس 25 آڪٽوبر تي ٿيندو
ايران تي حملي لاءِ جنهن ملڪ جي سرحد استعمال ٿي اهو نشاني تي هوندو
آئيني ترميمن وارو معاملو ڪڏهن طئي ٿيندو ڪجهه نٿو چئي سگهجي: مولانا
اسلام آباد پوليس جي پگهار پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ جو اعلان
درخواستن ۾ آئيني سوال آهن، ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو
داسو حملي جو ماسٽر مائينڊ ساٿين سميت ساهيوال ۾ مارجي ويو
پاڪستان کي ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي بدترين ۽ تاريخي شڪست
دُڪي ۾ کاڻ تي هٿياربندن جو حملو، 20 مزدور مارجي ويا، 7 زخمي
آئيني ترميمن جو مامرو، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جا مسودا جمع
مشهور اداڪار عابد ڪشميري لاڏاڻو ڪري ويو
ٻڌڻي ملتوي ڪرائڻ پي ٽي آءِ جو ڪيس ۾ دير جو حربو آهي: چيف جسٽس
حڪومت اسان تي ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا آهن، عمر ايوب
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 70 پئسا ٿي ويو
ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، ايس ايڇ ار سي پي
ڦر ۽ ڀتا خوري ڪندڙ عورت 2 ساٿين سميت گرفتار