دنيا جي گدلي ترين شهرن ۾ لاهور ۽ ڪراچي شامل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جا ٻه شهر دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ شامل آهن.ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ لاهور پهرين ۽ ڪراچي ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ٻنهي شهرن جي هوا جو معيار صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيو آهي.اڄ لاهور جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 229 ۽ ڪراچي جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 181 رڪارڊ ڪيو ويو.دنيا جو ٻيو نمبر آلودگي وارو شهر عراق جي راڄڌاني بغداد آهي، جتي هوا جي معيار جو انڊيڪس 200 رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو