ممبئي ۾ سلمان خان جي پارٽي ۾ ڇا ٿيو؟ ناديا خان ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي سپر ماڊل ۽ اداڪارا ناديا حسين انڪشاف ڪيو آهي ته هن سلمان خان جي پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ کوڙ منٿون ڪيون ويون هيون. ويجهڙ ۾ ناديا حسين نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي نجي زندگي ۽ ڪيريئر بابت دلچسپ قصا شيئر ڪيا. ميزبان اداڪارا کي ماضيءَ ۾ ڀارتي شهر ممبئي جي سفر بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته هوءَ هڪ اشتهار جي شوٽنگ لاءِ ممبئي وئي هئي. ناديا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته جنهن هوٽل ۾ هوءَ ترسيل هئي ان جي هال ۾ سلمان جي ڀيڻ جي سالگرهه پارٽي ٿي رهي هئي. اداڪارا موجب، جڏهن هن کي خبر پئي اِها سلمان خان جي پارٽي آهي ته هن ڏاڍا هٿ پير هنيا ۽ منٿون ڪيون ته ڪيئن به ڪري پارٽي ۾ پهچي، شڪر آهي جو ڪهڙي به طريقي سان اجازت ملي وئي. هن چيو ته پارٽيءَ ۾ بالي ووڊ جون سڀ مشهور شخصيتون موجود هيون، ڊپيڪا پاڊڪون، ڪترينا ڪيف ۽ رنبير ڪپور سڀ اتي هئا، اِها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن ته ڪترينا سلمان خان سان لاڳاپن ۾ هئي ۽ دپيڪا ۽ رنبير ڪور هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا هئا. ناديا چيو ته اِها حقيقت آهي ته هن جي پارٽي ۾ ڪنهن سان به ملاقات نه ٿي پر مشهور شخصيتن کي ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو مليو، بالي ووڊ ۽ پاڪستاني اسٽارز جي پارٽيءَ ۾ وڏو فرق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو