ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان،انڊيڪس ۾ 290 پوائنٽن جي واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ ٻي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اربع ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي مثبت رجحان ڏٺو ۽ واپاري سيشن دوران 290 پوائنٽس جي واڌ سان انڊيڪس 86,130 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.واپار دوران انڊيڪس وڌيڪ بهتري ڪئي ۽ وڌيڪ 400 پوائنٽون شامل ڪري 86,513 جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.ياد رهي ته مارڪيٽ ۾ ڪجهه ڏينهن جي مندي کانپوءِ اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ڏٺو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو