بجلي بلن ذريعي ٽيڪس وصولي خلاف ڌرين کان جواب طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي خلاف داخل درخواست تي جماعت اسلامي جي اپوزيشن ليڊر سيف الدين ايڊووڪيٽ جي درخواست منظور ڪندي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو. موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڌرين کي 3 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو. درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ميئر ڪراچي عدالتي حڪم باوجود اپوزيشن سان مشاورت جي عمل کان پاسو ڪيو آهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ميئر ڪراچي مخالف ڌر جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ سان مشاورت ناهي ڪئي.درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته ميئر ڪراچي ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ معاهدو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو