ملتان: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خلاف ٻئين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم 291 رنسن تي آل آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم به ٻئي اننگز پريشانين جو شڪار آهي 70 رنسن تي پاڪستاني ٽيم جا 4 رانديگر آئوٽ ٿي ويا آهن. ميزبان ٽيم کي 153 رنسن جي برتري حاصل آهي.ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ راند جي اختتام تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 239 رنسن کان اننگز جي شروعات ڪئي ته صرف 52 رنسن جي اضافي کان پوءِ انگلينڊ جي ٽيم 291 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. بريڊن ڪارس 4، ميٿيو پوٽس 6، جيمي اسمٿ 21، شعيب بشير 9 رنسن جا مهمان ثابت ٿيا جڏهن ته ليچ 25 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان ساجد خان 7 ۽ نعمان علي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.پاڪستان پنهنجي ٻئي اننگز شروع ڪئي ته عبدالله شفيق هڪ دفعو ٻيهر ناڪام رهيو ۽ 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. ڪپتان شان مسعود به صرف 11، صائم ايوب 22 رنسن جا مهمان ثابت ٿيا. پهرين اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ ڪامران غلام 26 رنسون ٺاهي جيڪ ليچ جو شڪار بڻيو.انگيلنڊ طرفان شعيب بشير 3 جڏهن ته جيڪ ليچ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم