ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ صرف مولانا فضل الرحمان آئين جي تحفظ جي جنگ وڙهي رهيو آهي.اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جهڙي طرح مولانا فضل الرحمان گذريل رات پنهنجو موقف پيش ڪيو اهو وڪيل برادري جي خواهشن ۽ پاڪستان جي جمهوري طاقتن جي موقف جي تائيد آهي. هن چيو ته هن وقت عدالتن جي تحفظ جي سڀني کان وڌيڪ ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان وڪيل ۽ ججز عدالتن جو تحفظ نه ڪري سگهياسين ته نادر شاهي دور واپس اچي ويندو ۽ هتي جيڪو انصاف جو نظام اڳ ئي موجود نه آهي اهو صفا ختم ٿي ويندو.فواد چوڌري چيو ته هن وقت پوري قوم جون نظرون مولانا فضل الرحمان تي آهن، مولانا فضل الرحمان آئيني ترميم تي جيڪا جنگ وڙهي رهيو آهي ان تي قائم رهندي هو پيپلز پارٽي کي پنهنجي موقف تي وٺي آيو آهي اهو خوشي جوڳو عمل آهي. هن چيو ته جڏهن عدليه آزاد هوندي ته قانون تي عمل ٿيندو ٻئي صورت ۾ قانون تي عمل نٿو ٿي سگهي. تحريڪ انصاف هن وقت مولانا فضل الرحمان سان گڏ هلي رهي آهي ۽ مولانا فضل الرحمان گرينڊ اپوزيشن جو حصو آهي. تحريڪ انصاف به ان جي ئي حڪمت عملي تي هلي رهي آهي.ٻئي پاسي احتساب عدالت اسلام آباد ۾ فواد چوڌري جي خلاف جهلم ۾ روڊ جي تعمير ۾ ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چوڌري پنهنجي وڪيل فيصل چوڌري سان گڏ جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر سهيل عارف به احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا. نيب طرفان رپورٽ اڃان تائين احتساب عدالت ۾ جمع نه ڪرائي وئي آهي، نيب پراسيڪيوٽر رپورٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت جي استدعا ڪري ڇڏي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته رپورٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ 2 هفتا گهرجن جاچ ڪرڻي آهي.جنهن کان پوءِ احتساب عدالت فواد چوڌري جي خلاف جهلم ۾ روڊ جي تعمير ۾ ڪرپشن جي ڪيس جي ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو