پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جيڪڏهن فوري طور تي پاڻي جي ذريعن جي استعمال جي حوالي سان هنگامي قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ 25 سالن ۾ اڌ کان وڌيڪ دنيا ۾ خوراڪ جي پيداوار کي خطرا پيش اچي سگهن ٿا. اها آگاهي گلوبل ڪيمشن آن دي اڪنامڪس آف واٽر جي هڪ رپورٽ ۾ ڏني وئي آهي. رپورٽ موجب دنيا جي 50 سيڪڙو آبادي اڳ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ موسمياتي بحران بدترين ٿيڻ سبب اهو انگ وڌڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وڌيڪ طلب موجب هن ڏهاڪي جي آخر تائين تازي پاڻي جي سپلاءِ ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي اچي سگهي ٿي ڇو ته دنيا جي پاڻي جي سسٽم کي تمام گهڻو وڌيڪ دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ڪميشن اهو به معلوم ڪيو ته سڄي دنيا جي حڪومتن ۽ ماهرن طرفان عوام کي پاڻي جي ضرورتن جو صحيح اندازو ناهي لڳايو ويو. رپورٽ موجب هونئن ته هڪ ماڻهو کي صحت ۽ صفائي جي لاءِ روزاني 50 کان 100 ليٽر پاڻي جي ضرورت هوندي آهي پر سٺي زندگي ۽ مناسب عذائيت جي لاءِ هڪ ماڻهو کي روزاني 4 هزار ليٽر پاڻي جي ضرورت هوندي آهي. ڪجهه خطن ۾ پاڻي جي وڏي مقدار کي حاصل ڪرڻ مقامي طور تي ممڪن نه آهي انهي ڪري ماڻهن کي خوراڪ، ڪپڙن ۽ ٻين شين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ واپار تي ڀاڙڻو پوندو آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ 2 ارب کان وڌيڪ ماڻهن کي پيئڻ جي محفوظ پاڻي تائين پهچ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته 3.6 ارب ماڻهن کي محفوظ پاڻي جي نيڪال تائين پهچ حاصل نه آهي. روزاني هڪ هزار ٻار صاف پاڻي نه ملڻ سبب فوت ٿي ويندا آهن. ڪميشن ٻڌايو ته موسمياتي بحران جا اثر سڀني کان پهريان دنيا جي هائيڊرو لوجيڪل سسٽمز تي محسوس ڪيا ويا ۽ ڪجهه خطن ۾ اهو سسٽم ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي.ايمازون ۾ خشڪ سالي، يورپ ۽ ايشيا ۾ ٻوڏ، جڏهن ته پهاڙن تي برف پگهرجڻ جهڙا اثر ڏسڻ ۾ آيا آهن جنهن سبب خشڪ سالي ۽ ٻوڏ ٻنهي جي شدت ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهن طرفان پاڻي جو ضرورت کان وڌيڪ استعمال موسمياتي بحران کي بدترين بنائي ڇڏيندو پر عالمي سطح تي انهي بحران جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل ڪوششون نظر نه پيون اچن. ڪميشن جو چوڻ هو ته سڄي دنيا جي ملڪن کي پاڻي جي وسيلن جي حوالي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ 2050 تائين عالمي جي ڊي پي ۾ 8 سيڪڙو گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو