پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ سڀاڻي سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. هائير ايجوڪيشن ڊپارٽمنيٽ ۽ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان سڀاڻي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پنجاب حڪومت صوبي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 پڻ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ هر قسم جي احتجاج، جلوس جهڙي سرگرمي تي پابندي هوندي، اهو فيصلو امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ، انساني جانين ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو