ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر نواز شريف جي ايس سي او ڪانفرنس جي ڪوريج لاءِ آيل ڀارتي صحافين جي وفد سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ هن پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي بحالي تي خيالن جو اظهار ڪيو. لاهور ۾ ڀارتي صحافين جي وفد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعليٰ مريم نواز به موجود هئي. پاڙيسري ملڪ جي صحافين سان گفتگو ۾ نواز شريف چيو ته ايس سي او ڪانفرنس سان پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن جي سٺي شروعات ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڀارتي وزيراعظم پاڻ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿئي ها ته سٺو هو. هن چيو ته پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر ٿي وڃن ته گهڻو ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي، ڀارتي ٽيم کان پڇون ته اهي به چوندا اسان پاڪستان ۾ کيڏڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي مريم نواز چيو مان ڀارتي پنجاب وڃڻ چاهين ٿي ته جيئن فرق ڏسي سگهان، پاڪستاني ۽ ڀارتي پنجاب ٻئي هڪٻئي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو