ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي

گھوٽڪي( ن س) قتل ڪيس مان ٽن سالن بعد ضمانت تي آزاد ٿيل ٻن ڄڻن مٿان موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن جي ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان فائرنگ ۾ موچارو بلو قتل سندس سندس چاچو رحم علي بلو زخمي ٻنھي ڄڻن ٽي سال اڳ برادري جي نوجوان کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل جي ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ جيل گھوٽڪي ۾ قيد ھيا خبر موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿي ويل نوجوان اسد بلو جي قتل ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيد موچارو بلو ۽ سندس چاچو رحم علي بلو ٽن سالن بعد ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد پنھنجي گھر طرف وڃي رھيا ھيا ت ڊسٽرڪٽ جيل گھوٽڪي ڀرسان موٽر سوار ڇھ کان مٿي ھٿياربندن مٿان فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ موچارو بلو ٿڏي تي مارجي ويو سندس چاچي رحم علي بلو ڄگھ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي ويو فوتي ۽ زخمي کي تعلقا اسپتال گھوٽڪي آندو ويو جڏھن ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويو قتل ٿيل موچارو بلو جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ت زخمي کي وڌيڪ علاج لاء سکر جي اسپتال نيو ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ن ٿي سگھيو.

پهنجو تبصرو موڪليو